منشيات جو استعمال نوجوان نسل جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو آهي: آصف زرداري

صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته منشيات ۽ نشي وارين شين جي استعمال نوجوان نسل جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. صدر آصف علي زرداري منشيات جي غلط استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته معاشري مان منشيات جي خاتمي لاءِ سمورين ڪوششن جو ارادو ڪيو آهي، منشيات جي ورهاست، نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، منشيات جو غلط استعمال ۽ انهي جي غيرقانوني ورهاست هڪ عالمي چيلينج آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ ڪيل گڏيل ڪوششون عالمي تعاون جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي حڪومت منشيات جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي گهرو وزارت ۽  منشيات جي خاتمي واري فورس نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي هڪ صحت مند، محفوظ پاڪستان جي تعمير ۾ اسان سڀني کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.