پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه ۾ سانوڻي جي برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 11 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا، فوت ٿي ويلن ۾ 4 مرد، 3 عورتون ۽ 4 ٻار شامل آهن. جڏهن ته برساتن ۽ فليش فلڊ سبب سوات ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان ٿيو. پي ڊي ايم اي موجب صوبي جي متاثر علائقن ۾ گڏيل طور تي 56 گهرن کي نقصان پهتو. جنهن ۾ 50 گهرن کي جزوي نقصان ٿيو، جڏهن ته 6 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. پي ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران سوات درياءَ ۾ خوازه خليه واري هنڌ تي ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. پي ڊي ايم اي ٻوڏ خطرن کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميه ۽ نوشهره، چارسده کي به الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هدايت ڪئي آهي ته ضلعه انتظاميه امڪاني هنگامي صورتحال يا ٻوڏ کان اڳ اڳواٽ حفاظتي قدمن کي يقيني بنائي
