اقتصادي رابطه ڪميٽي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين واجبات جي لاءِ دفاع واري وزارت جي 15 ارب 83 ڪروڙ 90 لک روپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ معيشت، توانائي ۽ غذائي تحفظ بابت ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. اي سي سي هٿياربند فوج جي پگهارن، الائونسز ۽ ٻين واجبات جي لاءِ دفاع واري وزارت جا 15 ارب 83 ڪروڙ 90 لک روپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي آهي. اي سي سي موجب منظور ڪيل گرانٽ تازو پاڪ ڀارت جنگ جي شهيدن جي لاءِ وزيراعظم پيڪيج جي تحت واجبات ادائيگي جي لاءِ جاري ڪيا ويندا. انهي کان علاوه اقتصادي رابطه ڪميٽي کنڊ جي درآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي ننڍن هارين ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن جي لاءِ رسڪ ڪور اسڪيم شروع ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي انهي جي باضابطه شروعات 14 آگسٽ 2025 تي ٿيڻ جو امڪان آهي.