اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 5 ججز ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز طرفان وڪيل منير اي ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز ٽرانسفر ڪيس جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ چيو ويو آهي ته عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل جي التوا تائين 19 جون جو فيصلو معطل ڪري. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز بدلي کي صحيح قرار ڏنو هو ۽ 5 ميمبرن جي بينچ سينارٽي جو معاملو صدر پاڪستان ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 19 جون تي ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ججز ٽرانسفر جي خلاف درخواستون  رد ڪري ڇڏيون هيون. سپريم ڪورٽ 2 کان 3 جي اڪثريت بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ 3 ججز جي ٽرانسفر کي آئيني قرار ڏنو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته سرفراز ڊوگر وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي طور تي ڪم جاري رکنداسين. ياد رهي ته صدر آصف زرداري طرفان ٻين هاءِ ڪورٽ جي ججز جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بدلي ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز سينارٽي جي معاملي تي هلندڙ سال 20 فيبروري تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. اهڙن ججز ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر، جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس خادم حسين سومرو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بدلي ٿيا هئا.