ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو جي هدايت تي ڊي ايس پي رائونتي غلام علي بروهي ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جي اڳوڻي ۾ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن

ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو جي هدايت تي ڊي ايس پي رائونتي غلام علي بروهي ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جي اڳوڻي ۾ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن. آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوھارين وچ وڏي فائرنگ جا اطلاع. ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو موجب ته گذريل ڏينهن بازياب ڪرايل پنجاب واسي نوجوان طارق حسين جي نشاندهي تي امام بخش پتڻ وٽ ڪارروائي ڪئي ته ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس جو ٽن ڪلاڪن جي جوابي فائرنگ کانپوءِ بازياب ٿيل مغوي طارق حسين جي نشاندهي تي مغوين کي قيد ڪرڻ واري هنڌ پهتاسين ته ڏوهاري مغوين کي پاڻ سان گڏ فرار ٿي ويا ڏوهارين جي خاتمي تائين پوليس جو آپريشن جاري رهندو اسان پنهنجي ٽارگيٽ تي پهچڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون تمام جلد بازياب ٿيل مغوي جي نشاندهي طور اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو

پنھنجي راءِ لکو