صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن بزدلاڻي ڪارروائي ڪئي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون انهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ملڪ تي جان قربان ڪندڙ شهيد هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندا. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموري قوم انهي حملي جو جواب اتحاد ۽ ارادن سان ڏيندي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندا.