وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بلن ۾ شامل ٽي وي في کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي بلن ۾ وڏي فيس کي ختم ڪرڻ جو اعلان پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ جي تحت پاور اسمارٽ ايپ متعارف ڪرائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پاور ڊويزن واري وزارت طرفان بجلي جي صارفين کي سڌو سنئون نظام جو حصو بنائڻ ۽ اوور بلنگ جي عمل ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ(پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ) جي تحت پاور اسمارٽ ايپ متعارف ڪرائڻ واري تقريب کي ڪندي وزيراعظم شهباز شريف عوام دوست اسمارٽ ايپ جو باقاعده افتتاح ڪيو. ذريعن جو چوڻ هو ته صارفين کان ٽي وي فيس جي مد ۾ ماهوار ڏيڍ ارب روپيه وصول ٿيندا آهن جڏهن ته ساليانو تقريبن 16 ارب روپيه وصول ڪيا ويندا آهن. پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊڻگ جي تحت پاور اسمارٽ ايپ بجلي صارفين کي مقرر تاريخ تي پنهنجي ميٽر جي تصوير ڪڍي اپ لوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي، جنهن جي بنياد تي انهي جو ماهوار بل جاري ڪيو ويندو. انهي نظام جو مقصد اوور بلنگ، ريڊنگ جي غلطين ۽ ريڊنگ ۾ دير جهڙن پراڻن مسئلن جو موثر حل فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته موبائل ايپ پاور ڊويزن جي انقلابي قدمن جو حصو آهي انهي قدم جو باضابطه افتتاح اطمينان جوڳو آهي. ميٽر ريڊنگ بابت شڪايتون ملي رهيون هيون. شهباز شريف چيو ته توانائي واري وزارت ۾ تمام گهڻيون اصلاحتون ٿيون، وڌيڪ سفر طئي ڪرڻو آهي. بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ لاءِ پاور ڊويزن واري وزارت تمام گهڻي محنت ڪئي، ڪرپٽ مافيا جي خلاف سخت قدم کنيا ويا، سموري پاڪستان جي ڊسڪوز ۾ انقلابي قدم کنيا ويا. هن چيو ته آءِ پي پيز سان انتهائي شفاف طريقي سان ڳالهيون ڪيون، اڻٿڪ محنت سان بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، تيل جون قيمتون گهٽ ٿيون ته صارفين کي ساڍا ست روپين تائين رليف ڏنو. عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون انهي وقت تيزي سان ڪري رهيون هيون. انهي موقعي تي وزيراعظم بجلي جي بلن ۾ شامل پي ٽي وي فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بلن مان ٽيليويزن فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو، بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته بجلي جي 5 سئو ارب روپين جي چوري هڪ وڏو چيلينج آهي، تيز رفتاري سان بجلي جي چوري کي ختم ڪرڻو آهي.