نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ترڪ پرڏيهي وزير حڪان فدان جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ علاقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان موجب اسحاق ڊار ۽ حڪان فدان ٻطرفي ڊگهي تعاون تي خيالن ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ تازو علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون ويون ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن ملائيشيا ۾ ٿيندڙ ايندڙ آسيان ريجنل فورم جي به باري ۾ ڳالهيون ڪيون. ياد رهي ته اسحاق ڊار جولاءِ ۾ آمريڪا ۽ چين سميت 4 اهم ملڪن جا دورا ڪندو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سڀني کان پهريان آذربائيجان جو دورو ڪندو، اسحاق ڊار جولاءِ ۾ ايس سي او پرڏيهي وزيرن سان ملاقات جي لاءِ چين روانو ٿيندو. اسحاق ڊار يو اين سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس جي صدارت لاءِ جولاءِ ۾ ئي آمريڪا جو به دورو ڪندو ۽ نائب وزيراعظم جولاءِ ۾ مئي ملائيشيا جو دورو ڪندو. هوڏانهن پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ايران تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا سان بهتر لاڳاپن جو اهو مطلب ناهي ته غلط شين ۾ به انهي جو ساٿ ڏيون. اسان کي خبر هئي ته ايران بدلو وٺڻ کان سواءِ نه رهندو، اهو اسان جو اسلامي، اخلاقي فرض آهي ته اسان ايران جي مدد ڪريون، ايران کي پردي جي پٺيان اسان جي ڀرپور سياسي حمايت حاصل هئي ته جيئن ايران کي هيٺ نه ڏيکاري سگهجي.