ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،غوثپورلڳ ڳوٺ بگن خان بجاراڻي ۾ اڻ ڄاتل شرپسندن مھراجن جي گوردواري ۾ گھڙي سندس پيتي جا تالا ڀڃي ھزارين روپيه روڪ رقم ڪڍي فرار ٿي ويا۔ شرپسندن گوردواري صاحب ۾ پيل مذھبي ڪتابن جي بي حرمتي ڪري ڀڃ ڊاھ به ڪئي۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب رات دير سان چار اڻ سڃاتل شرپسندن ڳوٺ بگن خان ۾ ھندن جي گوردواري جا تالا ڀڃي اتي پيل پيتي مان ھزارين روپيه نقدي چورائي فرار ٿي ويا۔ ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته شرپسندن ويندي ويندي گوردواري صاحب ۾ پيل ھندن جي مقدس ڪتابن/شاسترن جا پنا شھيد ڪري سندن بي حرمتي به ڪئي۔ اھڙي واقعي بعد متاثر ڳوٺاڻن سردار وير سنگھ۔ سري سنگھ۔ ھريداس۔ مائي پريمي۔ مائي ڀاڳي۔ ريشمان باگڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گوردواري ٻاھران سخت احتجاج ڪندي ايس ايس پي ڪشمور کان واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ھڪ سال اڳ به اھڙو واقعو ٿيو ھيو ته ان وقت جي ايس ايس پي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڏني ھئي جيڪا بعد ۾ ختم ڪئي ويئي
