نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پنهنجي مرضي پاڪستان تي مڙهي نٿو سگهي انهي ڪري هو پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني ڪري. اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي يوم تاسيس کي خطاب ۾ اسحاق ڊار چيو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن جي آڙ ۾ پاڪستان تي جارحيت مڙهي، اسان ڀارتي جارحيت جو فوري ۽ بهتر جواب ڏنو. ڀارت پهلگام واقعي تي ڪوڙو ڊرامو ڪيو، ڀارت پنهنجي پاليسين تي هڪ دفعو نظر ثاني ڪري. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ڀارت آبي دهشتگردي ڪري 24 ڪروڙ پاڪستانين کي يرغمال بنائڻ چاهي ٿو، ڀارت پنهنجي مرضي پاڪستان تي مڙهي نٿو سگهي. ڀارت هڪ طرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي، ڀارت پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل مسئلو آهي انهي مسئلي جي پرامن حل سان ئي خطي ۾ امن ٿيندو، ڀارت عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان پرامن بقا جي اصول تي عمل ڪري رهيو آهي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايران اسرائيل جنگبندي جي آجيان ڪئي، پاڪستان ايران جي قانوني موقف جي هميشه تائيد ڪندو رهيو آهي، ايران جي ايٽمي مسئلي جو حل ڳالهين سان ڪڍيو ويندو، جڏهن ته غزه ۾ انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان کي وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي.