سنڌ جي صحت کاتي صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ نمائندي کي خط لکي ڇڏيو آهي. صحت کاتي طرفان لکيل خط ۾ سنڌ ۾ مڇرن سبب پکڙجندڙ بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ صحت واري عالمي اداري کان تعاون جي درخواست ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته برساتن ۽ موسمياتي تبديلي سبب مڇرن مان پکڙجندڙ بيماريون وڌڻ جو امڪان آهي. صحت وارو عالمي ادارو ڪيس مينجمينٽ سڃاڻپ لاءِ سهولتون ۽ انڊور اسپري ۾ تعاون ڪري. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته طبي عملي جي تربيت جي لاءِ به ڊبليو ايڇ او کان ٽيڪنيڪي مدد جي درخواست آهي صحت واري عالمي اداري طرفان مسلسل تعاون تي ٿورائتا آهيون. ڊبليو ايڇ او جي وڌيڪ مدد سان مريضن کي فائدو پهچندو ۽ صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي.