ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )،ڪنڌڪوٽ ويجهو بڊاڻي جي ڳوٺ قلندر بخش کوکر ۾ گورنمينٽ پرائمري گرلز اسڪول ۽ گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول ڪيتري ئي عرصي کان با اثرن جي استعمال ھيٺ تعليم تباھ شاگرد گھرن تائين محدود اسڪول گھر ۽ اوطاق ۾ تبديل
تفصيل موجب ڳوٺ قلندر بخش کوکر ۾ بااثر جي سرپرستي ھيٺ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پرائمري گرلز اسڪول گھر م تبديل ڪيو آھي ۽ بوائز پرائمري اسڪول وري اوطاق طور استعمال ڪيو پيو وڃي ،گرلز ۽ بوائز اسڪول م مقرر اٺ گوسڙو ٽيچر پٽيوالا ۽ چوڪيدار گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن ،ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان گرلز اسڪول م با اثرن جا ماڻھون ويٺل آھن ۽ بوائز اسڪول اوطاق طور استعمال ڪيو پيو وڃي سو الاھي سالن کان وٺي اسڪول بند ھجڻ ۽ ماستر نه اچڻ ڪري ڳوٺ ۽ ڀرپاسي کان تعليم پرائڻ ايندڙ ٻار تعليم بغير گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن ،ھنن وڌيڪ ڳالھائندي چيو ته ڊي سي ڪشمور ڊي او ڪشمور ۽ اي ڊي او گوسڙو ماسترن ۽ اسڪول کي گھر ۽ اوطاق بڻائندڙن با اثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسڪول کولي ٻارن کي تعليم ڏياري وڃي
