ملڪي سياسي ميدان ۾ هڪ نئين پارٽي جي انٽري ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نئين سياسي پارٽي رجسٽر ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نئين سياسي پارٽي(بهاوالپور عوامي حقوق پارٽي) کي باقاعده طور تي رجسٽر ڪري ورتو آهي جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. انهي رجسٽري کان پوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو انگ وڌي 167 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ بهاوالپور عوامي حقوق پارٽي جي انٽرا پارٽي چونڊن کي به مڃيو ويو آهي، جنهن موجب محمد سلمان مهتاب کي پارٽي جو صدر چونڊيو ويو آهي. بهاولپور عوامي حقوق پارٽي جي رجسٽريشن سان ڏکڻ پنجاب، خاص طور تي بهاوالپور جي عوامي مسئلن ۽ حقن جي لاءِ هڪ نئين سياسي آواز سامهون آئي آهي جيڪا ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اهل ٿي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي منظوري کان پوءِ اها پارٽي ملڪي سياست ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جي لاءِ قانوني ۽ آئيني حيثيت حاصل ڪري چڪي آهي.