لنڊن: پنجاب ۾ عام چونڊن دوران(ن) ليگ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي،راڻا ثناءُالله

لنڊن: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن جا ڪارا ڪرتوت سڀني جي سامهون اچي رهيا آهن، پنجاب ۾ عام چونڊن دوران ن ليگ اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهين دوران عمران خان جي گرفتاري بابت سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته ڪنهن جي به گرفتاري جو فيصلو حڪومت جو ناهي هوندو اهو فيصلو جاچ ڪندڙ ادارن جو هوندو آهي،ڳالهين دوران راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي ته پنجاب جي عام چونڊن ۾ (ن) ليگ نه صرف ڪامياب ٿيندي پر اڪثريت به حاصل ڪندي. هن چيو ته اڃان تائين پنجاب ۾ چونڊ شيڊول جاري ناهي ٿيو، ٿي سگهي ٿو ته چونڊون 3 مهينن ۾ نه ٿي سگهن، پر اهو واضح آهي ته(ن) ليگ نوازشريف جي قيادت ۾ چونڊ مهم شروع ڪندي. ووٽ ۽ سپورٽ نوازشريف جو آهي ان لاءِ سندس ملڪ واپسي ضروري آهي ٻئي طرف وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته اسان کي حڪومت ملي 7-8 مهينا ناهن ٿيا صرف ڏيڍ مهينو ٿيو آهي اصل آزاد حڪومت 23 نومبر کان پوءِ وجود ۾ آئي آهي

پنھنجي راءِ لکو