سکر(بيورو رپورٽ) ڊي ايف سي سکر وشن داس چيو آهي ته اٽي جو 65 رپيا في ڪلو ٿيڻ بابت ميڊيا تي شايع ٿيل خبرون صرف افواھ آهن، ان ۾ ڪا به حقيقت ناهي،تفصيل موجب خوراڪ کاتي سکر جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽولر وشن داس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدالت اٽو 65 رپيا في ڪلو جو حڪم ناهي ڏنو، اهڙيون خبرون صرف عوام کي گمراھ ڪرڻ برابر آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اهڙو ڪو به حڪم ناهي ڏنو ويو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عمل ڪندي سکر ضلعي ۾ عوام کي سستو اٽو 105 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي، ۽ 10 ڪلو وارو اٽي جو ٿيلهو 1050 رپيا ۾ ڏنو وڃي ٿو،
