پشاور: اعظم خان خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

پشاور: اعظم خان جي خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪي پي ڪي گورنر حاجي غلام علي محمد اعظم خان کي صوبي جو نگران وڏو وزير مقرري ڪري ڇڏيو،خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي نگران وڏي وزير جي مقرري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. اعظم خان جي بطور ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طور مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي،
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي وفد اپوزيشن پارٽين سان ڳالهين ۾ اعظم خان کي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي ايڊوائس تي 18 جنوري تي اسيمبليون ٽوڙيون ويون هيون. محمود خان ۽ اپوزيشن اڪرم خان دراني نگران وڏي وزير جي مقرري تي مشاورت ڪئي.
ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته وڏي وزير محمود خان ۽ اپوزيشن اڳواڻ نگران وڏي وزير جي لاءِ اعظم خان جي نالي تي متفق ٿيا. محمود خان ۽ اڪرم دراني اعظم خان جي بطور نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ خط لکيو. خيبرپختونخواهه جي گورنر آرٽيڪل 224 جي شق 1 اي جي تحت اعظم خان کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو
ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان جي حلف برداري تقريب اڄ منعقد ٿيندي جنهن ۾ هو گورنر حاجي غلام علي کان حلف کڻندو. اعظم خان سينئر بيورو ڪريٽ ۽ صوبي جو اڳوڻو چيف سيڪريٽري رهي چڪو آهي هن جو تعلق چارسده سان آهي

پنھنجي راءِ لکو