) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان کي به امير حيدر جيان اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي پنهنجي هڪ بيان ۾ بيرسٽر سيف چيو آهي ته قانون ۽ عدالت ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڦاٿل آهي پر اپوزيشن پارٽين ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت هجي ته مخصوص سيٽون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏي هن چيو ته امير حيدر هوتي جو مخصوص سيٽون نه وٺڻ جو بيان خوشي جوڳو آهي، فضل الرحمان کي به امير حيدر جيان اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. فضل الرحمان 26هين آئيني ترميم وقت پي ٽي آءِ جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو بيرسٽر سيف چيو ته پهريان فارم 47 جي ذريعي پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چورايو ويو ۽ هاڻ مخصوص سيٽون به ٻين ۾ ورهايون پيون وڃن. مخصوص سيٽون صرف پي ٽي آءِ جو حق آهن. جن کي نيلامي تي لڳايو ويو آهي. ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت صلاحڪار وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي خاتمي لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو پر ناڪام رهي.