اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نگران پنجاب جي وڏي وزير جي مقرري لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو،نگران پنجاب جي وڏي وزير جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن پاران تجويز ڪيل 2-2 نالا اليڪشن ڪميشن وٽ پهچي چڪا آهن. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر نگران پنجاب جي وڏي وزير جي مقرري لاءِ اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻيا ميمبر شرڪت ڪندا ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ نگران وڏي وزير جي نالن تي غور ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن نگران پنجاب جي وڏي وزير جي مقرري جو اعلان سڀاڻي ئي ڪندو،ياد رهي ته پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿيڻ کان پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ پهتو هو،ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهين دوران چيو هو ته اسان چيف اليڪشن ڪمشنر پاران مقرر ڪيل پنجاب جي نگران وڏي وزير کي هلڻ نه ڏينداسين اسان نگران وڏي وزير خلاف عدالت سان رابطو ڪنداسين
