عمران خان جو ڳالهين کان انڪار، پرويز الاهي مفاهمت جو رستو بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي پارٽي جي لاءِ مفاهمت کي بهتر قرار ڏئي ڇڏيو آهي چوڌري پرويز الاهي اڄ ٻيلي کاتي جي ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ يپش ٿيو جتي هن صحافين سان پڻ ڳالهيون ڪيون. انهي موقعي تي صحافي پرويز الاهي کان سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ جي لاءِ ڳالهين جو رستو بهتر آهي يا احتجاج جو؟ پرويز الاهي جواب ڏنو ته پهريان مزاحمت ٿيندي آهي پوٰ مفاهمت ٿيندي آهي پر بهتر مفاهمت ۾ ئي هوندو آهين هن چيو ته ڳالهين سان بهتر صورتحال نڪرندي آهي، بهتري جي اميد رکڻ گهرجي، پي ٽي آءِ قيادت ته ڳالهين جو خط به لکيو جنهن تي اڳڀرائي نه ٿي، ڏسو اڳيان ڇا ٿئي ٿو صحافين چوڌري پرويز الاهي کان صدر آصف زرداري کي هٽائڻ جي ڳالهين ۽ 27هين ترميم بابت به سوال ڪيو جنهن تي هن چيو ته اهو ته مون اوهان کان ئي ٻڌو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد پارٽي اڳواڻن طرفان ڳالهين جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.