ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ اڳواڻن جو هڪ ٻيو خط سامهون اچي ويو

لاهور جي ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو هڪ ٻيو خط سامهون اچي ويو آهي. ڪوٽ لکهپت جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمودالرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيمه پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته 2 وڏين پارٽين ۾ طئي ٿيل ميثاق جمهوريت انهن ئي پارٽين جي ڪري ناڪام ٿي چڪو آهي خط ۾ چيو ويو آهي ته ميثاق جمهوريت آئين جي بالادستي، عدليه جي آزادي يقيني بنائڻ لاءِ ڪيو ويو هو. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ذاتي مفادن لاءِ ميثاق جمهوريت کي تباهه ڪيو پي ٽي آءِ اڳواڻن لکيو ته موجوده حڪومت ميڊيا تي پيڪا، عدليه تي 26هين ترميم ۽ پارليامينٽ کي فارم 47 جي ذريعي تباهه ڪيو، عوام جي جمهوري حقن جي مڪمل پاسداري ٿيڻ گهرجي خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ملڪ کي مسئلن کان ڪڍڻ لاءِ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني نهايت ضروري آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به اسير اڳواڻن جي کليل خط ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جو مطالبو ڪيو ويو هو.