ٺڪراٺو : مباڪپور ٿاڻو جي حد ڳوٺ قابل مھتم مان ڳوٺاڻي قاسم مھتم جون 6 ٻڪريون چورائي فرار ٿي

ٺڪراٺو :  ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جا هربا نه هليا ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو ، ايس ايس پي سکر جا هر هر ايس ايڇ او تبديل ڪرڻ وارا تجربا به ڪم نه آيا نئين آيل ايس ايڇ او به ٻوٽو نه ٻاريو ، چوريون روز جو معمول بڻيل علائقي واسين جون ننڊون حرام سڄاڻ ڌرين ايس ايس پي سکر کان ٿاڻو مبارڪپور جو تاحيات مقرر ٿيل ڪرپٽ ۽ ناڪام مقامي اسٽاف هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ،ٺڪراٺو ( رپورٽ ) مبارڪپور ٿاڻو جي حد ۾ بدامني جي باھ جهڪي نه ٿي سگهي گذريل رات دير سان  نامعلوم چور مباڪپور ٿاڻو جي حد ڳوٺ قابل مھتم مان ڳوٺاڻي قاسم مھتم جون 6 ٻڪريون چورائي فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن سان ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي انهن ٻڌايو ته چوري جو اطلاع بروقت مبارڪپور ٿاڻي تي ڏنو ويو پر پوليس روايتي سستي برقرار رکندي جاء واردات تي اڃان نه پھتي آهي هوڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور ثناءالله کوهارو سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته اسان کي هن مهل تائين ڪو به اطلاع ناهي مليو ، جڏهن ته هتان جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي سکر پاران مبارڪپور ٿاڻو تي هر هر ايس ايڇ او مٽائڻ جا تجربا به ناڪام ٿي ويا آهن ڇو ته ته بدامني جو اصل ڪارڻ ٿاڻو مبارڪپور تي تاحيات مقرر ٿيل مقامي اسٽاف آهي جيڪو ڪم چور ڪرپٽ ۽ نااهل آهي جنهن ۾ خاص ڪري چار اهلڪار اهڙا آهن جنجو سڄو ڏينهن آڪڙا رچي ، شراب ، سنوڪر جوا ۽ فحاشي جي اڏن تان منٿليون وٺڻ انهن جو پيشو بڻجي ويو آهي جنهنڪري ڪهڙو به کڻي ايس ايڇ او اچي پر اهو بدامني تي ڪنٽرول نه ڪري سگهندو ڇو ته اهو مقامي پوليس  عملو سماجي براين جي مالڪان ۽ ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي هنن وڌيڪ چيو ته ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ روز بروز بدامني زور وٺي رهي آهي هاڻ بدامني جي گهٽجڻ جو ڪو نانء نشان به نظر نه ٿو اچي ايس ايس پي صاحب کي ڪيترا ئي ڀيرا شڪايتون پڻ ڪيون آهن پر انهن اهلڪارن خلاف ڪو به قدم نه ٿو کنيو وڃي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو سياسي آشيرواد وارا اهلڪار آهن جنهنڪري ايس ايس پي صاحب مجبور آهي متاثر ڀاڳئي ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل ٻڪريون واپس ڪرايون وڃن.

پنھنجي راءِ لکو