سکر: ۾ روهڙي ڀرسان غلام بند جي رهواسي بزرگ شخص معصوم ٻارڙن سميت جهانگڙو ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/سکر ۾ روهڙي ڀرسان غلام بند جي رهواسي بزرگ شخص معصوم ٻارڙن سميت جهانگڙو ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، محمد حسن چوهاڻ معصوم ٻارڙن امير بخش چوهاڻ، ابوذر چوهاڻ ۽ ٻين سان گڏ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پنج ڏينهن اڳ پوليس اسان جي پنجن مزدورن کي ناحق گرفتار ڪيو، ان کان پوءِ پوليس گرفتار جوابدارن جي آزادي لاءِ ٻہ لک رپيا رشوت طلب ڪيا، رشوت نہ ڏيڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، گذريل ڇنڇر ڏينهن عدالتي ڇاپي دوران الله بخش چوهاڻ کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته محمد بخش، ڪريم بخش، محمد بچل، ۽ محمد علي چوهاڻ اڃا تائين پوليس جي قيد ۾ آهن، جن کي پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته چئن ڄڻن کي آزاد ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو