پنجاب اسيمبلي نااهلي ريفرنس معاملو: حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڳالهين واريون ڪميٽيون جوڙيون ويون

پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي معطل ميمبرن خلاف ريفرنس جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڳالهين واريون ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته ريفرنس جي معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڳالهين واريون ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. حڪومتي ڪميٽي ۾ مجتبيٰ شجاع الرحمان، سلمان رفيق، رانا ارشد، سميع الله ۽ احمد اقبال شامل آهن ذريعن ٻڌايو آهي ته علي حيدر گيلاني، شافع حسين ۽ شعيب صديقي به حڪومتي ڪميٽي ۾ شامل آهن. جڏهن ته اپوزيشن طرفان اپوزيشن اڳواڻ احمد بهچر ڳالهين واري ٽيم جي اڳواڻي ڪندو ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ڪميٽي ۾ علي امتياز، شيخ امتياز، اعجاز شفيع جا نالا اڄ اسپيڪر ڏانهن اماڻيا ويندا. ذريعن موجب اپوزيشن ۽ حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جو ٻيو سيشن سڀاڻي آچر تي ٿيندو. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ تي اسپيڪر معطل ميمبرن جي خلاف ريفرنس ڊراپ ڪري سگهي ٿو ياد رهي ته 27 جون تي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن گوڙ ڪيو هو ۽ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي هئي جنهن کان پوءِ اسپيڪر اپوزيشن جي 26 ميمبين جي رڪنيت معطل ڪندي انهن جي نااهلي لاءِ ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻڻ جو اعلان ڪيو هو.