ڪراچي: فليٽ مان مئل حالت ۾ مليل اداڪاره حميرا اصغر لاهور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي ۾ فليٽ مان مئل حالت ۾ ملندڙ اداڪاره حميرا اصغر کي لاهور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي انهي حوالي سان صحافين سان ڳالهيون ڪندي مرحومه جي ڀاءُ چيو ته ميڊيڪل رپورٽ جو انتظار ڪنداسين اڃان تائين ڪنهن کي به ڪيس ۾ نامزد ناهي ڪيو هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته گهر وارا ۽ حميرا جا مٽ مائٽ ڪيترن ئي مهينن کان ساڻس رابطي جي ڪوشش ۾ هئا پر سڀ ناڪام رهيا، افسوسناڪ خبر سامهون اچڻ کان پوءِ ڪجهه ماڻهن گهر وارن کي تنقيد جو نشانو بنايو ڪنهن ڪيس جي ٻين رخن تي غور به نه ڪيو. ڇا ڪنهن حميرا جي مالڪ مڪان کان سوال ڪيا حميرا اصغر جي تدفين جي موقعي تي سندس والد کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته اوهان 8 مهينن کان ڌيءَ سان رابطي ۾ نه هئا، هاڻ جيڪا پوسٽ مارٽم رپورٽ آئي آهي انهي تي ڇا چوندو؟ صحافي جي سوال تي حميرا اصغر جي والد چيو ته مون کي انهي حوالي سان ڪجهه به خبر ناهي، اها سموري ڄاڻ منهنجي پٽ آهي، مون وٽ اسمارٽ فون به ناهي، مون وٽ هڪ سادو فون آهي. صحافين سان ڳالهيون دوران حميرا اصغر جي والد ڌيءَ جي لاش وصول نه ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته اسان مان ڪنهن به حميرا جي لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ناهي ڪيو صحافي طرفان حميرا جي والد کان سوال ڪيو ويو ته قتل جي حوالي سان ڪا جاچ ٿيڻ گهرجي؟ اهڙي سوال جي جواب ۾ حميرا جي والد آڱر آسمان طرف کڻندي چيو ته جيڪو الله بهتر سمجهندو اهوئي ٿيندو. ڳالهين دوران حميرا اصغر جي سئوٽ صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي والده جي فوتگي سبب مامو ڳوٺ ۾ هو ۽ صدمي ۾ هو ٻئي طرف حميرا اصغر جي چاچي جو چوڻ آهي ته حميرا 2017 ۾ گهر ڇڏي وئي هئي، 2 کان 3 مهينن کان پوءِ گهر جو چڪر لڳائيندي هئي، والدين انهي جي خوشي مان خوش هئا، گهر وارن حميرا کان ڪنهن قسم جو رابطو ختم نه ڪيو هو. ياد رهي ته حميرا اصغر جي لاش 8 جولاءِ تي اتحاد ڪمرشل جي هڪ فليٽ مان انهي وقت ملي جڏهن ڪرايو نه ادا ڪرڻ تي گهر جي مالڪ طرفان عدالت پهچڻ تي عدالتي بيلف سندس گهر پهتو ۽ فليٽ جو دروازو نه کولڻ تي دروارو ڀڃي اندر ويو ته اداڪاره جي لاش هٿ آئي لاش جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاش ڊي ڪمپوز جي آخري اسٽيج تي آهي، جنهن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اداڪاره جي موت تقريبن 8 مهينا اڳ ٿي هئي.

پنھنجي راءِ لکو