پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو آهي ته فلسطين ۽ ڪشمير تي آزادي جو سج تمام جلد اڀرندو اُميد جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي اميد ڏياريندڙ پيغام ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته همت ۽ حوصلو رکو ته اميد جي روشني يقين ڏياريندڙ سج جي روشني بڻجي ويندي آهي، اميد هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو اسان کي اڳيان وڌڻ جي طاقت ڏئي ٿو هن چيو ته اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته پريشانين ۽ چيلنجز جي باوجود اميد جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏڻ گهرجي اميد آهي ته انشاءَالله فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام تي جلد آزادي جو سج اڀرندو مريم نواز چيو ته مسلم ليگ(ن) عوام جي اميد بڻجي چڪي آهي، پاڪستاني قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جي لاءِ اسان ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته پنجاب جي عوام کي هاڻ صحت جون سهولتون ملنديون پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اميد آهي ته پنجاب جي هر ٻار کي ليپ ٽاپ، هوشيار اسڪالر شپ ۽ بهترين تعليم ملندي، اميد آهي ته پنجاب ۾ هر بي گهر کي پنهنجي ڇت جو سک ملندو. اميد آهي ته پنجاب جو هر هاري پنهنجا بهترين فصل ڏسي خوش ۽ خوشحال ٿيندو مريم نواز وڌيڪ چيو ته اميد اسان کي مايوسي جي اونداهي ۾ به روشني جي جهلڪ ڳولا ڪرڻ جي آس ڏياريندي آهي، عوام کي به اهائي اميد هئي ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) ايندي ته ليپ ٽاپ، اسڪالر شپ، مفت دوائون ملنديون.