صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي واري تجويز امن جو دروازو کوليو، ڀارت جو انڪار جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪري جي تجويز امن جو دروازو کوليو، ڀارت انڪار ڪري اهو دروازو پاڻ بند ڪيو، امن کان انڪار، جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 13 جولاءِ 1931 تي پنهنجي حياتي جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر ڪشميرين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. آذان جي احترام ۾ سينو کولي گولين کي منهن ڏيندڙ 22 شهيد ڪشنيرين جي قربانين کي سلام پيش ڪريان ٿو محسن نقوي چيو ته 13 جولاءِ 1931ع تي مظلومن جي زبان بند ڪندڙ نظام جي خلاف حريت ضمير جي پهرين گهنٽي هئي، ڀارتي رياستي پاليسي ڪشميري نوجوانن جي نسل ڪشي، عدالت کان مٿانهين قتل ۽ صحافين جي خاموشي سان انسانيت کي شرمسار ڪري رهي آهي گهرو وزير چيو ته صدر ٽرمپ جي ٽياڪري جي تجويز امن جو دروازو کوليو، ڀارت انڪار ڪري اهو دروازو پاڻ بند ڪيو، امن کان انڪار جنگي ذهنيت جو ثبوت آهي. هن چيو ته شهيدن جي رت مان اٿندڙ آزادي جي سڏ کي بندوق، قيد يا ڪرفيو سان دٻائي نٿو سگهجي اهو سڏ نسلن تائين زنده رهندو. هن چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير تجديد عهد جو ڏينهن آهي، پاڪستان ڪشميرين جي حق آزادي جو محافظ به آهي، علمبردار به ضامن به.