اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر نون ميمبرن جي حلف لاءِ اجلاس طلب ناهي ڪيو هاڻ اهو اجلاس گورنر پنهنجي صوابديد اختيارن تي گهرائي سگهي ٿو اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري طرفان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي لکيل خط ۾ چيوويو آهي ته 2 جولاءِ 2025 تي عورتن ۽ غير مسلمانن لاءِ مخصوص سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. اهڙن ميمبرن کان اڃان تائين حلف ناهي ورتو انهي لاءِ اهي نه اسيمبلي اجلاس ۾ حصو وٺي سگهن ٿا نه ئي ووٽ وجهي سگهن ٿا
خط ۾ لکيو ويو آهي ته صوبي ۾ سينيٽ چونڊون 21 جولاءِ تي ٿيڻيون آهن. اسپيڪر کي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، پر اسپيڪر اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته اسيمبلي اجلاس جاري نه آهي ۽ مان اهو اجلاس طلب نٿو ڪري سگهان خط ۾ لکيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 109 موجب گورنر کي اختيار حاصل آهي ته اهو صوبائي اسيمبلي جو اجلاس پنهنجي صوابديد تي طلب ڪري. آرٽيڪل 105 ۾ لکيل آهي ته گورنر پنهنجون آئيني ذميواريون وڏي وزير يا ڪابينه جي مشاورت سان ادا ڪندو خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ 27 مارچ 2024 جي هڪ فيصلي ۾ پنهنجي راءِ ڏئي چڪي آهي ته صوبائي حڪومت اسيمبلي اجلاس جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته اسان کي اڃان تائين وڏي وزير طرفان اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جي ايڊوائس نه ملي آهي. هن چيو ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي رڪنيت جو حلف کڻڻو آهي. انهن ميمبرن کي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وجهڻو آهي. وڏو وزير جلد اسيمبلي اجلاس جي ايڊوائس اماڻي ته جيئن اهي ميمبر حلف کڻي سگهن.