40 هزار پاڪستاني زائرين غائب! عراق، شام، ايران وڃي ڪيڏانهن هليا ويا، ڪا خبر ناهي: مذهبي معاملن واري وزير جو انڪشاف

وفاقي مذهبي معاملن واري وزير سردار محمد يوسف انڪشاف ڪيو آهي ته 40 هزار زائرين عراق، شام ۽ ايران وڃي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا، ڪابه خبر نه آهي سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت وٽ غائب ٿيندڙ زائرين جو رڪارڊ موجود نه آهي، عراق، ايران ۽ شام به پاڪستان کان اهو مسئلو اٿاريو هو، هاڻ حڪومت زائرين کي منظم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئون ڪمپيوٽرائزڊ نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن جي تحت هاڻ زائرين مخصوص رجسٽرڊ زائرين گروپ آپريٽرز جي ذريعي ئي سفر ڪندا هينئر تائين 1400 کان وڌيڪ ڪمپنين مذهبي معاملن واري وزارت سان گڏ بطور زيارت گروپ آرگنائيزر رجسٽرڊ ٿيڻ جي لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن. وفاقي وزير ٻڌايو ته ايران، عراق جي مقدس هنڌن جي زيارت جو نئون نظام آڻي رهيا آهيون. پراڻو قافله سالار جو نظام جلد ختم ٿي ويندو.خواهشمند ڪمپنيون وزارت سان گڏ فوري طور رجسٽرڊ ٿين هن چيو ته وفاقي ڪابينه زائرين گروپ آرگنائيزر جو نئون نظام منظور ڪيو هو جنهن تي عمل ڪندي وزارت هڪ اشتهار جاري ڪيو هو، سيڪيورٽي ڪليئر ڪندڙ 585 ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته وزارت جي ويب سائيٽ جي ذريعي آن لائين رجسٽريشن جو عمل فوري طور تي مڪمل ڪندي پنهنجا دستاويزات 31 جولاءِ کان اڳ وزارت ڏانهن اماڻين هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ٻئي اشتهار جي ذريعي نيون درخواستون به طلب ڪيون ويون آهن، جنهن جي تحت وزارت سان گڏ بطور زيارت گروپ آپريٽر(زيڊ جي او) ڪم ڪرڻ جي خواهشمند ڪمپنين 10 آگسٽ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿيون وفاقي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته حج، عمري سان گڏ زائرين جي ذميواري به مذهبي معاملن واري وزارت جي ذميواري آهي. ماضي ۾ عراق، شام ايران ويندڙ زائرين جي لاءِ خاص نظام نه هوندو هو. زائرين کي منظم ڪرڻ جي منظوري سال 2021 ۾ ڏني وئي پر گذريل حڪومت واري دور ۾ انهي تي ذڪر جوڳي اڳڀرائي نه ٿي سگهي.