سکر جي سائيٽ ايريا مان 2مهينا اڳ اغوا ٿي ويل ٽرڪ ڊرائيور رسول بخش ملڪ جي بازيابي لاء ، احتجاجي،مظاهرو

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)سکر جي سائيٽ ايريا مان 2مهينا اڳ اغوا ٿي ويل ٽرڪ ڊرائيور رسول بخش ملڪ جي بازيابي لاء سکر جي ملڪ برادري پاران ميناري روڊ کان ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري رسول بخش ملڪ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو 48 ڪلاڪن ۾ بازياب نه ٿيو ته ٻٻرلوء باء پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو۔ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ ملڪ تنظيم جي اڳواڻن غلام رسول ملڪ۔امداد علي ملڪ۔ڌڻي بخش ملڪ۔حضور بخش ملڪ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 2مهينا اڳ سکر جي سائٽ ايريا واري علائقي مان بچل شاھ مياڻي جو رهواسي ٽرڪ ڊرائيو رسول بخش پٽ رحيم بخش ملڪ کي نا معلوم ڌاڙيل اغوا ڪري ڪشمور واري علائقي ۾ قيد ڪري رکيو آھي رسول بخش جي آزادي لاء 20 لک روپيا ڀنگ گهرن پيا ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ تي کيس مارڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين جڏهن ته سکر پوليس اسان سان ملڻ لاء به تيار ناهي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس چويٿي ته رسول بخش اسان جي حد مان اغوا ناهي ٿيو ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيو آھي پوليس جي حد بندي واري تڪرار سبب مغوي جي حياتي داء تي لڳل آھي غريب پورهيت جي گهر ڀاتين وٽ ويھ لک ناهن غريب آھن ڀنگ جي رقم ادا نه ٿا ڪري سگهندا۔هنن چتاء ڏنو آھي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن ۾ مغوي رسول بخش ملڪ کي بازياب نه ڪرايو ويو ته ٻي صورت ۾ مجبور ٿي ٻٻرلوء باء پاس تي مغوي جي بازيابي تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو۔مظاهرين آء جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارن کان رسول بخش ملڪ کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي۔

پنھنجي راءِ لکو