گهرو وزير محسن نقوي ۽ ايراني هم منصب صڪندر مومني وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. ايراني گهرو وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني، مالي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو رپورٽ موجب ايراني پرڏيهي وزير چيو ته مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. ايران ٻوڏ متاثرين جي هر طرح جي مدد لاءِ حاضر آهي. ايراني گهرو وزير ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي 26 جولاءِ تي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهيون به ڪيون ايراني گهرو وزير سڪندر مومني تازي ايران جي دوري تي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو ادا ڪيو، انهي موقعي تي محسن نقوي چيو ته ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جي اسلام آباد جي دوري جي اوسيئڙي ۾ آهيون وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو. محسن نقوي ايف آءِ اي جي شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، گل رکيا، فاتحه خواني ڪئي ۽ عظيم قربانين تي شهيدن کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. محسن نقوي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت به ڪئي. محسن نقوي اداري کي وڌيڪ فعال بنائڻ جي لاءِ قانون ۽ رولز ۾ ضروري ترميم تي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي هن ايف آءِ اي جي لاءِ فوري طور تي جديد ٽيڪنالاجي ۽ گهربل هٿيارن جي منظوري ڏني. محسن نقوي واضح ڪيو ته ايف آءِ اي کي حڪومت سان عوام جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو، ڪارڪردگي تي ئي ايف آءِ اي کي وڌيڪ مراعتون ڏنيون وينديون گهرو وزير هدايت ڪئي ته غيرقانوني اميگريشن ۾ ملوث مافيا کي سختي سان منهن ڏنو وڃي بي رحماڻو ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ زيرو ٽالرنس پاليسي ٺاهي وڃي. هن چيو ته ملڪ جي بدنامي جي ذميوار عناصرن کي روڪڻ ايف آءِ اي جي اولين ذميواري آهي، شهرين کي سهوليت جي لاءِ ايئرپورٽس تي اميگريشن عمل کي آسان ۽ بهتر بنايو وڃي محسن نقوي ايف آءِ اي کي فاسٽ ٽريڪ ڪائونٽر قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن نصاب کي جديد خطن موجب ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ۽ اسٽاف جي گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي منظور ٿيل خالي جڳهين تي فوري طور تي ڀرتي جو حڪم ڏنو.