اوٻاوڙو , اوٻاوڙو ڀرسان ڪچي واري علائقي رانوتي ٻيلو ۾ هٿياربندن ڌاڙيلن ۽ گهوٽڪي پوليس جي وچ ۾. مبينا پوليس مقابلي دوران 5 مغوين کي بازياب

اوٻاوڙو , اوٻاوڙو ڀرسان ڪچي واري علائقي رانوتي ٻيلو ۾ هٿياربندن ڌاڙيلن ۽ گهوٽڪي پوليس جي وچ ۾. مبينا پوليس مقابلي دوران 5 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي جنهن پوليس بازياب ٿيل مغوين کي ڪچي کان رانوتي ٿاڻي تي آندو پيو وڃي جتي ضروري ڪاروائي بعد کين وارثن حوالي ڪيو ويندو بازياب ٿيل مغوين جو تعلق مختلف شهرن سان ٻڌايو پيو وڃي جن مان ٻن ڄڻن مولوي عصمت اللّه پٺاڻ ,حسين خان پٺاڻ جو تعلق ڪوئٽه سان آهي ۽ هڪ جو محمّد بخش جو تعلق تنگواڻي سان آهي ۽ هڪ جو خالد احمّد شاه جو تعلق حيدراباد سان آهي ۽ هڪ جو سعيد احمّد جو تعلق راڄڻ پور سان آهي هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو ته اسان ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي اڄ پوليس هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي جو ڏوهارين سان مقابلي بعد پنجن مغوين کي ڌاڙيلن جي چنڀي مان باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي ۽ ڏوهاري پنهنجا ٺڪاڻا ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وياآهن ۽اسانجو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي جڏهن ته ذريعن موجب پوليس ۽ ڏوهارين وچ ڊيل بعد مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي

پنھنجي راءِ لکو