سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ ) هندو پنچائت سکر جون چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي، 27 جنوري بجاء هاڻي چونڊ 10 فيبروري تي ٿيندي. انتظاميا عدالتي حڪم کي پاسيرو ڪري ڇڏيو، عدالت 60 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر هاڻي پنجون مهينو مڪمل ٿيڻ وارو آهي. عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائيندس. جيئرام داس. تفصيل مطابق هندو پنچائت سکر جون چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويون. انتظاميا 27 جنوري بجاء هاڻي اليڪشن لاءِ 10 فيبروري جي تاريخ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق سکر جي هڪ بااثر سياسي شخصيت جي هدايتن تي هندو پنچائت جون چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن ڇو جو بااثر سياستدان پنهنجي گروپ جي ماڻهوءَ کي اليڪشن ۾ آڻڻ جو خواهشمند آهي. اڳ طئي ٿيل شيڊول مطابق نامزدگي فارم ڀرائڻ جو وقت ختم ٿي ويو هو ۽ ان جي حامي اميدوار طرفان فارم نه ڀرايو ويو هو تنهن ڪري اليڪشن ملتوي ڪرائي نئين شيڊول تحت ان شخص کي به آندو ويندو. هندو پنچائت سکر جي اڳوڻي مکي ۽ اليڪشن ۾ مکي شپ لاءِ پئنل سميت فارم ڀريندڙ ايشور لال ماکيڪا جو چوڻ آهي ته اليڪشن جون سموريون تياريون مڪمل ٿي ويون هيون، نامزدگي فارم ڀرائڻ جي تاريخ به ختم ٿي وئي اوچتو اليڪشن ملتوي ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. مان سمجهان ٿو ته انتظاميا هندو برادري ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪنهن کي به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرفان ورهين کان هندو پنچائت جون چونڊون نه ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي جيئرام داس بختيارپوري اليڪشن ملتوي ٿيڻ واري عمل تي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عدالت ٻن مهينن اندر اليڪشن ڪرائڻ جو ڊي سي سکر کي حڪم ڏنو هو پر پنجون مهينو مڪمل ٿيڻ وارو آهي اليڪشن نه پئي ڪرائي وڃي. جنهن تي هو توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائيندو، هوڏانهن پروونشل اسسٽنٽ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز سکر ڪفايت الله لاشاري مطابق نامزدگي فارم ڀريلن جا فارم قابل قبول آهن. نوان اميدوار 3 فيبروري تائين فارم ڀرائي سگهن ٿا، عورتن جا ووٽ گهٽ رجسٽر هجڻ سميت ٻين شڪايتن تي اليڪشن ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ شھري جئيرام داس بختيارپوري 2017ع ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو تہ پنچائت جي آئين، قائدن مطابق ھر ٻن سالن ۾ ھندو پنچائت جا اليڪشن ٿيڻ گھرجن، پر 2006ع کان چونڊن ناھن ٿيون. درخواستگذار جئرام داس بختيارپوري مطابق ھندو پنچائت جون چونڊون 1980 جي جوڙيل قائدن ۽ ضابطن تحت ڪرائڻ لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو، ڊپٽي ڪمشنر سکر کي پنھنجي نگراني ھيٺ ٻن مھينن اندر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.
