روھڙي رپورٽر اي ڊي گهنڃو ،روهڙي : روهڙي مان اڍائي مھينا اڳ مبينا طور زمين تان اغوا ٿيل پورهيت جو ڪوبہ ڏس پتو نه پئجي سگهيو وارث سراپا احتجاج بڻيل، مغوي کي بازياب ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو، روهڙي جي علائقي علي واھڻ پوليس چوڪي ڀرسان زمين تان مبينا اغوا ٿيل پورھيت غلام شبير ورند جي وارثن ضمير احمد ورند، شفيع محمد، غلام سرور، ۽ سھڻو ورند، جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ورند برادري جي ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو، مظاهري ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي تہ غلام شبير کي اغوا ٿي اڍائي مھينا گذري ويا آهن پر ھن جو ڪو بہ ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو غلام شبير جي ڀائرن قرآن پاڪ کڻي ڪچي جي علائقي ۾ گھمايو آهي، ان باوجود ڪٿان بہ ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي جنهن ڪري گهر بيچيني ۽ اداسي وارو ماحول آهي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ غريب ۽ بي پھنج ماڻهو آھيون جھانگڙو ٿاڻي، ايس ايس پي سکر ۽ ڊي آئي جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪوبہ دانھن ٻڌڻ وارو ناهي، مظاهرين سنڌ حڪومت ۽ آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي تہ اڍائي مھينا اڳ اغوا ٿيل غلام شبير ورند کي بازياب ڪرائي کين وارثن مان بيچيني ختم ڪرائي وڃي
