ٺڪراٺو پريس ڪلب جي سال 2023ع لا۽ چونڊ نوان عھديدار ۽ ميمبر چونڊيا ويا

ٺڪراٺو (رپورٽر) ٺڪراٺو پريس ڪلب جي سال 2023ع لا۽ چونڊ نوان عھديدار ۽ ميمبر چونڊيا ويا خبر موجب ٺڪراٺو پريس ڪلب جي سال 2023ع لا۽ چونڊ ٺڪراٺو پريس ڪلب رجسٽرڊ ۾ ٿي گذري جنھن ۾ صدر واجد سومرو سينيئر نائب صدر ممتاز مھر نائب صدر لعل ڏنو مھتم جنرل سيڪريٽري حضرت گل پٺاڻ جوائنٽ سيڪريٽري علي گوھر مھر ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري الھڏنو مھر خزانچي عبدالمجيد مھر انفارميشن سيڪريٽري عطا سھتو ۽ آفيس سيڪريٽري ڪرم علي مھتم چونڊيا ويا جڏھن ته ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ مير حسن منگي علي نواز مھر ارباب راڄڙ اربيلو مھتم عبدالستار مھر محمد عثمان مھر ڪريم بخش مھر غلام حسين راڄڙ صدورو مھر عبدالغفار مھر چونڊيا ويا ان موقعي تي چونڊيل نون عھديدارن ۽ ميمبرن چيو ته صحافت ھڪ عظيم پيشو آھي ان جي ذميواري درست طريقي سان نڀائي صحافت جو ڳاٽ اوچو ڪنداسين چونڊ اجلاس ۾ ٺڪراٺي جي صحافين سنڌ سرڪار کان ٺڪراٺو پريس ڪلب جي عمارت ۽ فنڊ رليز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو