اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف بجلي معطلي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سموري ملڪ ۾ بجلي جي معطلي جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،وزيراعظم شهباز شريف جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير کان به فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪند چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو ايڏو وڏو بحران ڪهڙي سبب جي ڪري پيدا ٿيو، آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي ظاهر ڪيو وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي گهڻو پريشان نٿا ڪري سگهون. فوري طور تي بجلي جي بحالي لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن

پنھنجي راءِ لکو