اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون. اسپيڪر پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن جنهن جا بعد ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا
پي ٽي آءِ جي استعيفائون ڏيندڙ ميمبرن کان علاوه صرف 2 ميمبر قومي اسيمبلي ۾ رهجي ويا آهن گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي 45 ميمبرن استعيفائون واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن مان 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿي ويون اسپيڪر آفيس جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي هينئر تائين 123 ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿي چڪيون آهن. ٻن ميمبرن جون استعيفائون انهن جي موڪل جي درخواست سبب منظور ناهن ڪيون ويون. اليڪشن ڪميشن کي به پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون ملي ويون آهن اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ بابت اڄوڪي اجلاس ۾ فيصلو ڪندو جڏهن ته پي ٽي آءِ ميمبرن جي ڊي نوٽيفاءِ نه ڪرڻ جي درخواست جو به جائزو ورتو ويندو ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن پارليامينٽ هائوس بند هجڻ سب گذريل ڏينهن استعيفائون واپس وٺڻ جي لاءِ اسپيڪر کي اي ميل ڪيون هيون جڏهن ته استعيفائون واپس وٺڻ جي اسپيڪر کي خط به لکيا ويا هئا. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسميبلي پهتا هئا جتي پارليامينٽ هائوس جو گيٽ بند هو جنهن تي خبر پئي ته شارٽ سرڪٽ سبب پارليامينٽ هائوس 3 ڏينهن جي لاءِ بند آهي. جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاجن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر چيو ته گيٽ بند ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان هنن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن
