سکر(بيورورپورٽ)سنڌ هائي ڪورٽ سکر ۾ ذاهدا پروين کوسو جي داخل ڪرايل درخواست تي سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي ايس ايڇ او مزمل سومرو سميت اهلڪارن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري چئن هفتن بعد عدالت طلب ان سلسلي ۾ سکر جي سائيٽ ايريا واري علائقي جي ڳوٺ بلاول خان کوسو جي رهواسڻ عورت ذاهدا پروين کوسو زال زبير کوسو وڪيل الاهي بخش جمالي معرفت سنڌ هائي ڪورٽ سرڪل بينچ سکر ۾ پوليس حراسمنٽ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي عدالت ايس ايڇ او مزمل ۔اهلڪارن ۽ ٻين کي چئن هفتن بعد عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آھي ان ڏس ۾ عدالتي احاطي ٻاهران وڪيل الاهي بخش جمالي ۽ پٽيشنر ذاهدا پروين کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو آھي ته ايس ايڇ او مزمل سومرو بنا وردي جي اهلڪارن سان گڏجي زبير کوسو جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي معصوم ٻارڙن سميت گهر ۾ موجود عورتن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان کڻي ويو آھي ٽي ڀيرا گهر مٿان چڙهائي ڪري مڙس زبير ۽ نياڻي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي پوليس جي ظلم خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي عدالت مان انصاف جي اميد آھي۔متاثر عورت ذاهدا پروين کوسو آء جي سنڌ کي پوليس چڙهائين جي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي۔
