ڪنڌڪوٽ:ڪرمپور پوليس جي حد جي علائقي ڳڙھي تيغو جي ردي تيغاڻي واري علائقي ۾ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، غوثپور ڀرسان ڪرمپور پوليس جي حد جي علائقي ڳڙھي تيغو جي ردي تيغاڻي واري علائقي ۾ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ڪئي جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب چالھين ورھين جو نورمحمد تيغاڻي ٿڏي تي مارجي ويو جڏھين ته وزير تيغاڻي ۽ ھڪ عورت سمات امانت خاتون سخت زخمي ٿي پيا جنکي وارث کڻائي سول اسپتال سکر کڻائي ويا۔ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته صدردين تيغاڻي ۽ باغ علي تيغاڻي وارين ڌرين ۾ پراڻو ڪارنھن تڪرار ھلندڙ ھيو جيڪو اڄ ڀڙڪي اٿيو ۽ ھڪ ماڻھو مارجي ويو ۽ ٻھ زخمي ٿي پيا۔ واقعي جي اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي آھي۔ آخري اطلاعن موجب فوتي جو لاش اسپتال نه پھتو آھي نه ئي ڪو ڪيس داحل ٿيو آھي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي۔ جڏھين ته ٻئي ڌريون مورچه بند ٿيل آھن

پنھنجي راءِ لکو