ڪنڌ ڪوٽ:ڳوٺ عبدالرزاق باجڪاڻي جي رھواسي پورھيت جو شر پسند عناصرن خلاف احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڳوٺ عبدالرزاق باجڪاڻي جي رھواسي پورھيت جو شر پسند عناصرن خلاف احتجاج تحفظ جي گھر ـ ان سلسلي ۾ پورھيت محمد اسماعيل باجڪاڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مون کي خير بخش لاشاري ۽ خير محمد لاشاري ڪوڙي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏين ٿا ھن چيو ته ڌمڪيون ڏيندڙن جو پنھنجي ڀيڻ سان تسل ھلي رھيو آھي جيڪا بيواھ آھي جنھن جو آء گھر ڄاٽو آھيان ۽ منھنجو سھرو ٻھ سال پھرين فوت ٿي چڪو آھي ھن چيو تھ سس جا ڀائر لالچي قسم جا ماڻھون آھن جيڪي مون کي بنا جواز تنگ ڪن ٿا منھنجو ڪنھن سان به ڪو وجھ واسطو نھ آھي منھنجي سس پنھنجي ڀائرن ڏانھن وڃڻ چاھي ٿي ته ان سان منھنجو ڪو به وجھ واسطو ناهي مان غريب پورھيت آھيان مون کي ڌمڪيون ڏيندڙ با اثر آھن جنھن مان مون کي ۽ منھنجي گھر ڀاتين کي جان جو خطرو آھي ان لاء مان وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪيان ٿو مون کي تحفظ ڏئي شر پسندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو