ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ۔غوثپور ڀرسان ڳوٺ خير محمد نصيراڻي ۾ ڳوٺ مير واھي جي رھاڪو ٽيھن ورھين جي نوجوان عبدالحميد اوڳاھي گھرو اڻبڻت تان پنھنجي دوست جي اوطاق ۾ ڇت واري پکي ۾ ٽوال ڳچي ۾ وجھي ڦاھو کائي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو۔ واقعي جي اطلاع بعد فوتي جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو۔ ذريعن ٻڌايو ته نوجوان جو ذھني توازن به صحيح نه ھوندو ھيو ۽ گھرو پريشانين سبب گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان پريشان نظر اچي رھيو ھيو ۽ ڳوٺ خير محمد نصيراڻي ۾ پنھنجي دوست وٽ اچي رھندو ھيو۔ اڄ رات اٺين وڳي دوست جي غير موجودگي ۾ اوطاق جي ڇت ۾ لڳل بجلي واري پکي ۾ رسو ڳچي ۾ وجھي پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو۔ واقعي جي اطلاع بعد غوثپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش کڻائي رواني ٿي ويئي۔ جڏھين ته ٻئي پاسي فوتي جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا ۽ پوري ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو۔
