روهڙي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مبينا مقابلو، ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار اسلحو برآمد، ٻيا ساٿي فرار، علائقي ۾ آپريشن جاري، روهڙي ڀرسان اڇيون قبين جي علائقي جاڙي ماءُ لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مبينا پوليس مقابلو، ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار،ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، پوليس ترجمان موجب زخمي ڏوهاري موٽر سائيڪل، اسنيچنگ، چوري، ڌاڙا، ۽ پوليس مقابلن ۾ پوليس کي گهربل هو، گرفتار ڏوهاري کان پستول، ميگزين، ۽ ڪيئي گوليون برآمد ڪيون ويون آهن، گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ ثمير کوسو نالي سان ٿي آهي، فرار ٿيل ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، گرفتار زخمي ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ ۽ معلومات مختلف ٿاڻن کان ورتو پيو وڃي،
