غزه تي فوجي قبضي جي منصوبي تي اسرائيلي حڪومت ۾ ڦوٽ ناڻي واري وزير جي ڌمڪي

اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو طرفان غزه تي فوجي ڪنٽرول جي تجويز کي سيڪيورٽي ڪابينه جي منظوري ملي وئي، پر ان فيصلي تي حڪومت اندر تڪرار اڀري آيو آهي اسرائيلي ناڻي وارو وزير بذليل اسموٽرچ حڪومت ڪيرائڻ ۽ نئين چونڊن ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي پرڏيهي ميڊيا موجب، خميس تي سيڪيورٽي ڪابينه جي اجلاس دوران اسموٽرچ چيو ته ”اسان کي سڀ ڪجهه روڪي ماڻهن کي فيصلي جو اختيار ڏيڻ گهرجي.“ هن شڪ جو اظهار ڪندي چيو ته نيتن ياهو اسرائيلي فوج کي فيصله ڪن فتح ڏانهن وٺي وڃڻ نٿو چاهي، ۽ کيس ان تي اعتماد نه آهي ته وزيراعظم جنگ ۾ حتمي ڪاميابي حاصل ڪري سگهندو ياد رهي ته ٻن ڏينهن اڳ اسرائيلي ڪابينه غزه تي فوجي ڪنٽرول جي تجويز منظور ڪئي هئي. نيتن ياهو وضاحت ڪئي هئي ته مقصد غزه تي مستقل قبضو ڪرڻ نه پر حماس کي هٽائي سول انتظاميه قائم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ حماس ۽ فلسطيني اٿارٽي ٻنهي جي ڪا به جاءِ نه هوندي.

پنھنجي راءِ لکو