اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف سموري ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪري ورتو آهي ذريعن موجب پي ٽي آءِ فواد چوڌري جي گرفتاري واري معاملي تي حڪومت جي انتقامي ڪاررواين تي سموري ملڪ ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي ذريعن موجب عمران خان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس اڄ زمان پارڪ ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عمران خان اڳواڻن سان ملڪ جي موجوده صورتحال تي جوابي حڪمت عملي تي مشاورت ڪندو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ٻين پارٽي اڳواڻن جي امڪاني گرفتارين تي رد عمل جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي ويندي عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ حڪومت طرفان چونڊن ۾ دير جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون وينديون. ياد رهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اڄ شام 4 وڳي اهم پريس ڪانفرنس به ڪندو
