سنڌ جي سينئر صوبائي وزير، شرجيل انعام ميمڻ، ڊمپر مالڪن ۽ آپريٽرن کي سخت خبرداري ڏيندي چيو آهي ته 25 آگسٽ کان پوءِ رڳو اهي ڊمپر روڊن تي هلندا جن ۾ ٽريڪر ۽ ڪئميرا لڳل هونديون سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي، شرجيل ميمڻ گذريل ڏينهن راشد منهاس روڊ تي پيش آيل دل ڏاريندڙ حادثي جو ذڪر ڪيو. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته حادثي کان پوءِ ڪجهه ماڻهن 7 ڊمپرن کي باهه ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙي دهشتگردي ڪرڻ وارن کي گرفتار نه ڪرڻ گهرجي؟ هن واضح طور تي چيو ته اهڙن ماڻهن تي دهشتگردي جو قلم لڳايو ويندو ۽ حڪومت ڪنهن کان به نه ڊڄندي ايم ڪيو ايم تي تنقيد شرجيل ميمڻ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) تي سڌي سنئون تنقيد ڪئي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو هي شهر ۾ فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان تي اپوزيشن جي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي ميمڻ وڌيڪ چيو ته “اسان هن شهر ۾ دهشتگردي برداشت نه ڪنداسين، چاهي ڪيتري به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي.” هن چيو ته هو بدمعاشن سان بدمعاشن جيان ئي ڊيل ڪنداڊمپر مالڪن سان ڳالهيون ۽ فيصلا هن ٻڌايو ته ڊمپر مالڪن روڊ بند ڪيا هئا، پر حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايا ۽ ان ڳالهه تي راضي ٿيو ويو آهي ته 25 آگسٽ کان پوءِ سڀني ڊمپرن ۾ ٽريڪر ۽ ڪئميرا لازمي طور لڳل هوندا هن ايم ڪيو ايم تي ٻيهر تنقيد ڪندي چيو ته اهي نفرت پکيڙي رهيا آهن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت به غلط بياني ڪري رهيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته هن پروگرام ۾ سڀ کان وڌيڪ اقليتي برادري جون ڀينرون شامل آهن.