ٺڪراٺو: انسانيت موڪلائي وئي زنده انسانن کانپوء مرده به محفوظ نه رهيا شرپسندن پاران قبرون کوٽي انسانيت کي لڄائي ڇڏيو

ٺڪراٺو:انسانيت موڪلائي وئي زنده انسانن کانپوء مرده به محفوظ نه رهيا شرپسندن پاران قبرون کوٽي انسانيت کي لڄائي ڇڏيو ، ٺڪراٺو جي قبرستان ۾ افسوسناڪ واقعو پيش مدفونن جو قبرون به غيرمحفوظ اڻڄاتل جوابدارن پاران 3 قبرون کوٽي بيحرمتي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ چارديواري ڏيارڻ لا۽ مقامي ڳوٺاڻن جو احتجاج آ۽ جي سنڌ ۽ ڊي آ۽ جي سکر کان نوٽيس جو مطالبو
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو جي سومر شھيد قبرستان ۾ مرده انسانن جون قبرون به محفوظ نه رھيون نامعلوم جوابدارن 3 قبرون کوٽي بيحرمتي ڪئي ، سومر شھيد قبرستان ۾ نامعلوم جوابدارن پاران قبرن جي بي حرمتي ڪرڻ تي هر زنده دل انسان کي دلي صدمو رسيو قبرون کوٽڻ واري واقعي کانپوء احتجاج ڪندڙن محمد ھاشم مھتم رحمت الله مڱريو شير محمد مڱريو علي نواز مڱريو ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته قديمي قبرستان سومر شھيد ۾ گذريل رات نامعلوم ماڻهون قبرون کوٽي رهيا هئا مذاور پاران هڪل ڪرڻ کانپوء نامعلوم ماڻهن کوٽيل قبرون اڌ ۾ ڇڏي کوٽائي ڪندڙ سامان ڇڏي فرار ٿي ويا قبرون جي بيحرمتي ٿيڻ وارا واقعا وڌي ويا آھن گذريل رات ٽن نامعلوم جوابدارن 3 قبرون کوٽي بيحرمتي ڪئي آهي جنھن واقعي سان هر انسان جي دل آزاري ٿي آھي مقامي ماڻھن اھڙو اطلاع مبارڪپور پوليس کي ڏنو جنهن بعد ايس ايڇ اومبارڪپور اعجاز جسڪاڻي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا ۽ ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته هن واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪري انهن حيوان صفت جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي آڻيندا سين احتجاج ڪندڙن سنڌ سرڪار سميت ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قبرستان کي چارديواري ڏياري وڃي.

پنھنجي راءِ لکو