لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري بابت سندس گهر واري حبا فواد چيو آهي ته اها گرفتاري ناهي پر فواد کي اغوا ڪيو ويو آهي صحافين سان ڳالهيون ڪندي حبا فواد چيو ته اسان هن کي گرفتاري نه پر اغوا چونداسين. 8 کان10 پوليس وارا دروازو کولي اسان جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ بنا ڪنهن ايف آءِ آر ڏيکارڻ جي فواد کي پڪڙي کڻي ويا هن چيو ته منهنجي درخواست آهي ته امپورٽڊ حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي يا جنهن به فواد چوڌري کي کنيو آهي ان بابت اسان کي ٻڌايو وڃي ته فواد کي ڪهڙي رولز تحت کنيو ويو. اسان سان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. صرف پوليس وارا گهر ۾ داخل ٿيا ۽ کيس کڻي هليا ويا جڏهن ته هو ويندي فواد جو فون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. اسان کي ته اها به خبر ناهي ته کيس ڪٿي کڻي ويا آهن. اسان فواد کي کڻي وڃڻ کان پوءِ لاڳاپيل ٿاڻن سان رابطو ڪيو پر اتان به اسان کي ڪو جواب نه مليو حبا فواد چيو ته اهو ته سڌو سنئون اغوا آهي. اسان ته هاڻ پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ نه آهيون. هاڻ ته ماڻهو اسان کي گهرن ۾ داخل ٿي کڻي ويندا، هي ڪهڙي قسم جو ملڪ آهي ۽ هتي ڪهڙي طرح جو قانون آهي حبا فواد وڌيڪ چيو ته منهنجي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وزيراعظم کان به ساڳئي درخواست آهي ته ٻڌايو وڃي ته فواد چوڌري کي ڪٿي کڻي ويا آهن يا پوءِ فواد جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي
