ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، ڏيڍ مھينو اڳ غوثپور ٿاڻي جي حد دڙي سندراڻي اسٽاپ وٽان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينا طور اغوا ٿي ويل لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ واسي 5 مغوين زاھد عمراڻي۔ سڪندر عمراڻي۔ ڀورل عباسي۔ اصغر گھانچو ۽ سيد اصغر شاھ جي بازيابي لاءِ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جو سي آئي انچارج شوڪت علي شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس جا وڏا اٽالا ۽ بڪتر بند گاڏيون ساڻ ڪري ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو۔ آپريشن جي ڪاروائي دوران لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهداد ڪوٽ واسين پنجن مغوين زاھد عمراڻي، سڪندر عمراڻي، ڀورل عباسي، اصغر گھانچو ۽ سيد اصغر شاھ کي پوليس مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪار ٽولي جي موجودگي وارو اطلاع ملڻ تي ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو ته ڏوهارين پوليس جي گاڏين کي ڏسندي ئي پوليس جي گاڏين مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هٿيار بند پنجن ئي مغوين کي ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ واضع رهي ته بازياب ٿيل مغوين جي وارثن کان پنجن ئي مغوين جي بازيابي لاءِ اغوا ڪار ٽولي پاران فون ڪري وارثن کان ھڪ ڪروڙ ڀنگ پڻ طلب ڪيو ويو هو۔
