ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ عورتن لاءِ مخصوص گلابي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، مخصوص بس سروس گلابي پيپلز بس سروس پهرين فيبروري کان آپريشن جي شروعات ڪندي ان حوالي سان ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سندس رهائشگاهه تي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گلابي پيپلز بس سروس ماڊل ڪالوني، شاهراهه فيصل، ٽاور جي روٽس تي هلائي ويندي. هن سروس سان ملازمت سان سلهاڙيل عورتن کي فائدو ٿيندو بس سروس آفيس جي وقت دوران صبح ۽ شام دوران هر 20 منٽن کان پوءِ هلندي. آفيس وقت کان پوءِ معمول واري وقت ۾ هر ڪلاڪ کان پوءِ گلابي بس سروس هلندي ان حوالي سان شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ نارنگي، ڳاڙهي ۽ اڇي کان پوءِ عورتن جي لاءِ هاڻ گلابي بس سروس جي شروعات ڪئي پئي وڃي. گلابي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد خاص طور تي نوڪري ڪندڙ عورتن کي سفري سهوليت ڏيڻ آهي
