لاهور: مسلم ليگ(ق) جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ چوڌري شجاعت حسين کي پارٽي جي صدارت تان هٽايو ويو رپورٽ موجب جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ طارق بشير چيمه کي به مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان هٽايو ويو آهي. اجلاس ۾ چوڌري وجاهت حسين کي مسلم ليگ(ق) جو بنا مقابلي صدر ۽ ڪامل علي آغا کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي
اجلاس ۾ چوڌري پرويز الاهي کي مسلم ليگ(ق) پنجاب جو بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو. مسلم ليگ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ عهدن تي چونڊ بنا مقابلي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ چوڌري شجاعت حسين مرڪزي صدارت ۽ طارق بشير چيمه کي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان هٽايو ويو آهي اجلاس ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي پارٽي عهديدارن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. مرڪزي ۽ آزاد ڪشمير کان مسلم ليگ(ق) جا عهديدار به اجلاس ۾ شريڪ هئا. جڏهن ته اڳوڻا اسيمبلي ميمبر، ٽڪيٽ هولڊرز ۽ سينيٽر به اجلاس ۾ موجود هئا
