ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ زال وٺڻ ويندڙ عمران شيخ تي سھري ۽ سندس پٽن جو تشدد نڪ جي ھڏي ڀڃي ڇڏي متاثر شخص ميونسپل ڪاميٽي جو ديليويجز ملازم عمران شيخ غريب آباد لڳ سھري جي گھر پنهنجي زال کي وٺڻ ويو ته زال تي نه ملي پر بدلي ۾ سھري شوڪت شيخ ۽ سندس پٽن گڏجي ڪري تشدد ڪندي مارڪٽ ڪئي انھي حوالي سان عمران شيخ چيو ته زال کي وٺڻ ويس ته منهنجي سھرو شوڪت شيخ ، پٽن ۽ ٻين ماڻھن حملو ڪري سخت تشدد ڪيو جنهن ڪري نڪ جي ھڏي به ڀڃي پئي آهي مٿي تي به ڌڪ لڳا آهن پوليس بااثرن جي چوڻ تي ڪيس داخل نه پئي ڪري وس وارن کان گھر ڪريان ٿو مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي،
